امير بيگم، بينظير ڀٽو سان گڏ اليڪشن جي ڏينهن

امير بيگم، بينظير ڀٽو سان گڏ اليڪشن جي ڏينهن

امير بيگم ڀٽو

امير بيگم ڀُٽو: شيرين امير بيگم ڀٽوولد خانبهادر احمد خان ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واري ۽ سئوٽ هئي. سندن شادي 1951ع ۾ ٿي. جڏهن ڀٽو صاحب 23 سالن جو هو ۽ بمبئي ۾ زير تعليم هو. جڏهن پاڻ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو ته هوءَ نئين ديري موٽي آئي ۽ ان بعد اتي ئي رهڻ لڳي. کيس ڪو به اولاد نه هو. هن لبنيٰ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي گود ورتو، جيڪا هن وقت سعودي عرب ۾ رهي ٿي. جڏهن ڀٽي صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي هئي ته ان وقت هن 8 ۽ 28 مارچ تي ساڻس راولپنڊي جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي. شيرين امير بيگم کي بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو سان ڏاڍو پيار هو. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو پهريون دفعو چونڊون لڙيون ته تڪ ۾ ڪيترن هنڌن تي هوءَ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ به وئي هئي. هوءَ19 جنوري 2003ع تي دل جي دوري پوڻ سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ گذاري ويئي. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽي خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي قبر جي ويجهو دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.00.00  عيسوي

امير بيگم ڀُٽو شيرين امير بيگم ڀٽو ولد خانبهادر احمد خان ڀٽواڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واري ۽ سئوٽ هئي . سندن شادي 1951ع ۾ ٿي . جڏهن ڀٽو صاحب 23 سالن جو هو ۽ -بمبئي- ۾ زير تعليم هو


2003.01.19  عيسوي

امير بيگم ڀُٽو 19 جنوري 2003ع تي دل جي دوري پوڻ سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ گذاري ويئي . کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽي خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي قبر جي ويجهو دفنايو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چوراسيا هري پرساد
پير جمعو شهيد
ڀٽي دوست محمد
آسو ٻائي
اخلاق انصاري
دريا خان نظاماڻي
ثريا سوز ڏيپلائي
خليفو غلام قادر
احمد فقير سمو
جتوئي علي مراد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون